ٽائون ڪميٽي شڪارپور ۾ 110 ملين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل 17 آفيسرن ۽ 21 ٺيڪيدارن خلاف نيب پاران احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل، عدالت پاران آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري، ڳڙهي ياسين مان هڪ ٺيڪيدار گرفتار....

General

پي ٽي آءِ پاران بلاول کي غدار وطن قرار ڏيڻ جي مطالبي جي قرارداد جمع،منهنجو نظريو تبديل نه ٿيندو:بلاول

2019-03-22

لاهور/ڪراچي(بيورو/م.ڊ)پنجاب اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وطن جو غدار قرار ڏيڻ جي مطالبي جي قرارداد جمع ڪرائي وئي.تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف کلي ميدان ۾ اچي وئي، پنجاب اسيمبلي ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي غدار وطن قرار ڏيڻ جي مطالبي جي قرارداد جمع ڪرائي وئي.  تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر سيمابيا طاهر طرفان قرارداد جمع ڪرائي وئي.قرارداد جي متن موجب پنجاب اسيمبلي جي ايوان جي راءِ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي حوالي سان بلاول ڀٽو جو بيان پاڪستان جي مخالفت ۽ مودي سرڪار جي حمايت ۾ آهي.ان ايوان جي اها راءِ آهي ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ هن جا ادارا پنهنجي اندروني ۽ ٻاهرين معاملن کي هر سطح تي چڱي طرح ڏسي رهيا آهن.قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو کي غدار وطن قرار ڏنو وڃي ۽ ان خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪري ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو رد عمل ڏنو آهي ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فاشزم پکيڙيندڙن کي نظرانداز ڪيو جيڪي ملڪ سان کيڏي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کڏ ۾ پوي توهان جو نظريو، منهنجو هڪ نظريو آهي جيڪو منهنجو پنهنجو نظريو آهي، منهنجو نظريو تبديل نه ٿيندو توهان جو نظريو تبديل ٿيندو رهندو، پڙهو، سوچو ۽ پوءِ ڳالهايو.  هن چيو ته هاڻي زندگي هڪ فاشسٽ اسڪرپٽ ڊرامو آهي، هڪ اهڙو ڊرامو جو توهان ان اسڪرپٽ موجب نه هلندا ته غدار قرار ڏنا ويندا، فاشزم پکيڙيندڙن کي نظرانداز ڪيو جيڪي ملڪ سان کيڏي رهيا آهن.  ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ فائرنگ سبب فوتگين جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي ڪاميابي دهشتگردن کان برداشت نه ٿي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.





Sports

لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو

2017-11-06

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسئيشن طرفان شهر جي جناح باغ چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ فٽبال ايسوسئيشن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالغني ڪنڀر، ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل بروهي، وائس چيئرمين محمد يونس بلوچ، عرفان علي گاد، جوائنٽ سيڪريٽري جاويد احمد عباسي، خزانچي احمد علي سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪجهه وقت اڳ وفاقي حڪومت هن وقت فٽبال فيڊريشن آف پاڪستان کي معطل ڪيو هو جنهن کان پوءِ لاهور واري مرڪزي آفيس تي بااثر قبضا مافيا ۽ انهن جي ساٿين طرفان قبضو ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل سان پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن جي دل آزاري ٿي آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ لاهور جي چيف جسٽس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته لاهور فٽبال هائوس جو قبضو مخدوم فيصل صالح حيات حوالي ڪري پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.





Entertainment

ڀارتي اداڪارا سري ديوي دل جو دورو پوڻ سبب دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

2018-02-25

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جڳ مشهور ڀارتي اداڪارا سري ديوي اوچتو دل بيهڻ سبب دبئي ۾ لاڌاڻو ڪري وئي، خانداني ذريعن موجب سري ديوي پنهنجي خاندان سان گڏ دبئي ۾ هڪ شادي تقريب ۾ ويل هئي، جتي اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب سري ديوي کي اسپتال آندو پئي ويو پر هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سري ديوي ڪيترين ئي ڪامياب ڀارتي فلمن ۾ اهم رول نڀايو. سندس مشهور فلمن ۾ صدمه، چالباز، چاندني، جدائي ۽ مسٽر انڊيا شامل آهن. سري ديوي جي شادي مشهور ڀارتي پروڊيوسر بوني ڪپور سان ٿي جيڪو انيل ڪپور جو وڏو ڀاءُ آهي.





Education

سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ واري امڪاني فيصلي خلاف ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن جو احتجاج

2019-03-23

ڪراچي(رپورٽ وحيد سمون)سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ واري امڪاني فيصلي خلاف سنڌ جي ستن ئي ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن جو ڪراچي ۾ ڌرڻو، تعليم واري وزير نوٽيس ورتو، ڌرڻي واري هنڌ پهچي ريگيوليٽري اٿارٽي نه ٺاهڻ جي خاطري، انٽرميڊيٽ جا امتحان ملتوي، پهرين اپريل کان وٺڻ جو اعلان، ملازمن جو ڌرڻو ختم، تفصيلي خبر موجب سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ واري امڪاني فيصلي خلاف سنڌ جي ستن ئي ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن مهيني کان لڳاتار احتجاج ڪرڻ بعد آفيسن جي تالا بندي ڪري ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڇتي نعريبازي ڪري رهيا هئا، تعليمي بورڊز ملازمن جي احتجاج جو اطلاع ملڻ تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه نوٽيس ورتو، تعليم واري وزير بورڊ ملازمن جي اڳواڻن جو وفد پنهنجي آفيس سڌائي ورتو، ڳالهيون ڪرڻ بعد کين سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي نه ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي پر تنهن باوجود به ملازمن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڳواڻن صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته هو ڌرڻي واري هنڌ اچي پاڻ ملازمن کي خاطري ڪرائي ، جنهن بعد تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم، بورڊز چيئرمين ۽ ٻيا تعليمي عملدار ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ان موقعي تي تعليم واري وزير خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ٺاهڻ جو ڪوبه باضابطه فيصلو ناهي ڪيو، صوبائي وزير چيو ته ملازم اسان جا ٻانهن ٻيلي آهن، اسان ملازمن جي مفادن خلاف ڪو فيصلو ناهي ڪيو، هن چيو ته مان ملازمن جو نمائندو بڻجي سندن مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ملازمن کي خاطري ڪرايان ٿو ته سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي نه ٺاهي ويندو، تعليم واري وزير سڄي سنڌ ۾ بورڊز جي ماتحت ٿيندڙ انٽرميڊيٽ جا امتحان پڻ پٺتي ڪندي پهرين اپريل کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملازمن کي ڌرڻو ختم ڪري پنهنجي ڊيوٽي تي وڃڻ جي اپيل ڪئي، تعليم واري وزير پاران خاطري ڪرائڻ بعد بورڊ ملازمن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي ۽ ملازمن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون ۽ خوشي ۾ نعرا هڻي ڌرڻو ختم ڪري پنهنجي پنهنجي شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، ان کان اڳ آل ايجوڪيشن بورڊ ڪميٽي جي صدر اعجاز احمد ڪاڪا، جنرل سيڪريٽري علي شان شاهه، لاڙڪاڻو بورڊ صدر محمد علي ڏيپر، سکر بورڊ صدر غلام مصطفيٰ پيرزادو، ٽيڪنيڪل بورڊ ڪراچي صدر آغا سعيد احمد پٺاڻ، انٽرميڊيٽ بورڊ صدر شڪيل احمد، سيڪنڊري بورڊ صدر عبدالوهاب لاکو سميت سنڌ جي ستن ئي تعليمي بورڊز جا عهديدار ۽ ملازم ڪراچي پريس ڪلب پهتا ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ، خواجا اظهارالحق ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب پهچي تعليمي بورڊ ملازمن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ کين هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي داڪٽر فاروق ستار خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان ضياءُ الدين بورڊ کي رد ڪيون ٿا، ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪري بورڊز خودمختيار حيثيت ختم ڪئي پئي وڄي، اسان ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، بورڊ ملازمن سان گڏ آهيون هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو، خواجا اظهارالحق خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ واري بل جي مخالفت ڪئي هئي، هاڻي به ملازمن سان گڏ آهيون سنڌ حڪومت فيصلو واپس نه ورتو ته ايم ڪيو ايم ملازمن جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي،ان کان اڳ سنڌ بورڊ اتحاد طرفان امڪاني طور بورڊز ختم ڪري ريگيولرٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪندي سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ، جنهن تي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون، وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪري مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن پڻ بيهاري وئي هئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ملازم چيو ته سنڌ جا 7 بورڊ ختم ڪري ھڪ اٿارٽي ٺاھي پئي وڃي جنھن جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم کي ڪيو پيو وڃي، سموري بورڊز کي ختم ڪري اتي ھڪ ڪيمپ لڳائي ويندي، ھنن چيو ته سنڌ سرڪار جي اھڙي ڪاري قانون خلاف بورڊز جا ملازم مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آھن. ملازمن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ايجوڪيشن بورڊز اٿارٽي وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سي ايم ھائوس ڏانھن مارچ ڪيو ويندو





History

ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا

2017-10-18

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان، ٺارو شاهه، درياءَ خان مري ، ڪنڊيارو، دادو،ڏوڪري سميت مختلف شهرن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، رشيد جتوئي، انيس خاصخيلي، شبير جمالي ۽ ٻين ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن مالڪ خشڪ، شهيد مٺو بليدي ۽ ٻين جي مزارن تي گل نشاور ڪري ۽ قومي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جسقپ اڳواڻن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ لاهيندي اسان پنهنجي قومپرست شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته انهن جي قربانين جي ڪري اڄ تائين جدوجهد جاري آهي هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي سنڌي ماڻهن جي ڏنل تذليل واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙي نااهل وزيرن جو بائيڪاٽ ڪن هنن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي جنهن ۾ ڌاري آباد ڪاري ۾ وڏو تعداد سنڌ ۾ آهي اهي سنڌي ماڻهن جي روزگار تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اڳئي سنڌي ماڻهو بدامني ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو شڪار آهن ويتر حڪومتي ڌر نام نياد پناگيرن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جون سازشون ٿي رهيو آهن هنن چيو ته سنڌ جي مذهبي درگاهن تي خودڪشي بمباري حملا ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ان تي حڪمران ،مشير وزير ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جيڪا ڏکيل ڳالھ آهي اسان هنن حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ڌاريا آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي ۽ شهيدن جي پوئينرن کي معاوضا ڏنا وڃن. ٺاروشاھ ڀرسان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 33 ورسيءَ جي موقعي تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف راهوجو، خادم شر، انعام گل مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين جسقم ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين چيو ته جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، شهيدن جي قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جسقم جي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جاري آهي، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو.





Culture

وارھ ۾ ھولي جو ڏڻ ڀرپور نموني ملھايو ويو

2019-03-23

وارھ (رپورٽ: نجيب تُنيو) وارھ ۾ ھولي جو ڏڻ ڀرپور نموني ملھايو ويو، شھر جي مختلف سياسي سماجي صحافي اديبن ۽ دڪاندارن جي شرڪت..خبر موجب وارھ ۾ ھندن جو مذھبي تهوار ھولي جو ڏڻ ڪميونٽي ھال ۾ شهرين پاران ڀرپور نموني ملھايو ويو جنھن ۾ ديوان برادري سميت شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن صحافين اديبن ۽ دڪاندارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ٽائون چئيرمين رياض الدين ابڙو نياز حيدري نظير ڇٽو قاضي مظفر سنجي ڪمار راجيش ڪاڪا آگھم کھاوڙ ساحل سڪندر آگھم کھاوڙ ظھور چانڊيو بشير ميرجت اصغر ميراسي وڪي ڪمار شاھد ابڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ڌرتي سڀني مذھبن جي ماءُ آھي اسان سڀني کي بنا مذھبي متڀيد جي ھڪ ٻئي سان گڏ ھلڻ گھرجي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي سڀني لاء اتم آھي ھوڏانھن ڪميونٽي ھال ۾ گڏ ٿيل سڀني شھرين ھڪ ٻئي تي رنگ ھاري ڀرپور خوشي جو اظھار ڪيو ۽ ديوان برادري پاران آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ويو.





Art and Literature

پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب

2017-11-27

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کاٻي ڌر جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته سنڌ ۾ ڪميونسٽن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ شهيد شاهه عنايت پهرين سوشلسٽ انقلاب جو نعرو ڏنو. هن چيو ته جيستائين مزدورن، هارين جي فتح نه ٿيندي، تيستائين جنگ جاري رهندي، حڪمرانن ڪڏهن به تاريخ کي ناهي سمجهيو، ان ڪري هو تاريخ کي بگاڙين ٿا. ڪامريڊ لال خان چيو ته ملڪ ۾ اسلام ۽ ختم نبوت جي نالي تي بدتميزي ٿي رهي آهي، پر حڪومت بدتميزي ڪندڙن اڳيان بيوس بڻيل آهي، هڪ رياست مڇريلن سان گڏ آهي ته ٻي رياست شرمائي ٿي. هن چيو ته هتي دهشتگرد پيدا ٿي رهيا آهن، انتهاپسندي پکيڙيندڙن جا اڏا ٺهي رهيا آهن، سياسي ٽوڙ ڦوڙ ٿي  رهي آهي، جنهن جو مقصد هاڻ ملڪي مفادن واري جنگ ناهي رهي، جڏهن ته هتي سنڌ ۾ زرداري جي پوليس ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بدران جو ماڻهن ک احتجاج جي نالي ۾ تنگ ڪري انتشار پکيڙيندڙن تحفظ ڪري رهي آهي، اهڙي سموري صورتحال رياست جي ناڪامي ظاهر ڪري ٿي. اهڙي ناڪامي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن هال ۾ جواب موجود آهي، ۽ اهو جواب سوشلسٽ انقلاب آهي. هن چيو ته اسان جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، جمهوريت جو رستو بند ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ۾ غريب نٿو وڃي سگهي، ڇو ته اها اميرن جي پارليامينٽ آهي. ناليواري ليکڪ حميد سومرو چيو ته مون کي اسٽالن نه وڻندو هيو ۽ مون کي روسي انقلاب سمجهڻو هيو، جنهن لاءِ مون ڪامريڊ سوڀي کان پڇيو ته ڪامريڊ سوڀي ٽراٽسڪي کي پڙهڻ جو چيو ۽ جڏهن مون ٽراٽسڪي جي روس انقلاب بابت لکيل ڪتاب پڙهيو ته منهنجي سوچ ئي تبديل ٿي وئي. ناليواري ليکڪ انعام شيخ چيو ته انسانن جي 5 هزار سالن جي تاريخ ۾ حضرت موسى ۽ حضرت عيسى به انقلابي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ دنيا جي هر خطي ۾ انقلابي پيدا ٿيا، جن اسٽيسٽڪو خلاف جدوجهد ڪئي ۽ دنيا جا 3 اهڙا وڏا انقلابي دور هئا، جن انساني چهري جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان نسل پنهنجي مستقبل لاءِفڪرمند نظر نٿو اچي ۽ نه ئي هو دنيا ۾ ٿيندڙ هلچل بابت واقف آهي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته روس جي انقلاب تي جان ريٽ جو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، پر ان ڪتاب ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڇپجي نه سگهيون هيون. هن چيو ته هي ڪتاب مشرقي ٻوليءَ کانپوءِ هاڻ پهريون ڀيرو اردو ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آهي ان ڪري هاڻ روس جي انقلاب کان اڃان وڌيڪ واقف ٿي سگهنداسين. ڪامريڊ رياض لنڊ، ڪامريڊ انور پنهور، ليکڪ ۽ اديب يوسف سنڌي، مزدور اڳواڻ ماجد ميمڻ، ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.





E-paper




Jobs




Advertising